اسلام آبادپاڪستان

بئنچ تبديل ڇو ڪئي،هڪ رجسٽرار جَجَ کان به وڌيڪ طاقتور آهي:جسٽس فائز

اسلام آباد :سُپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي اعليٰ عدالت ۾ ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار واري معاملي جو نوٽيس وٺندي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي سموري رڪارڊ سميت فوري طور طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته سُپريم ڪورٽ جو جج آهيان، پنجن سالن تائين بلوچستان هاٰءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پڻ رهي چڪو آهيان. اسان چاهيون ٿا ته شفافيت هئڻ گهرجي، جيڪڏهن رجسٽرار ڪيس هڪ کان ٻي بئنچ ۾ مقرر ڪندو ته شفافيت ڪيئن ٿيندي؟ هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ رجسٽرار مون جهڙي جَجَ کان به وڌيڪ طاقتور آهي. مان 2010 وارا ڪيس نٿو ٻڌي سگهان ڇاڪاڻ ته ڪيس رجسٽرار شنوائي لاءِ مقرر ڪري ٿو، ڇا مان فون ڪري رجسٽرار کي اِهو چئي سگهان ٿو ته فلاڻو ڪيس فلاڻي بئنچ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو؟ جسٽس فائز عيسيٰ رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته ڪيس ڪهڙي پاليسي تحت مقرر ڪيا ويندا آهن؟ عدالت ٻه اپريل 2022ع تي رجسٽرار کي حڪم ڏنو هو ته ڪيس مقرر ڪرڻو جو طريقيڪار طئي ٿئي. رجسٽرار آفيس ۾ ڪيس مقرر ڪرڻ بابت شفافيت نالي ڪائي شيءَ ڪونهي. ان تي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جو چوڻ هو ته چيف جسٽس پاڪستان جي منظوري سان ئي ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ٿيندا آهن. جسٽس يحييٰ آفريدي جو چوڻ آهي ته سوال اِهو آهي ته بئنچ ۾ جسٽس حسن رضوي صاحب هو، بئنچ تبديل ڇو تبديل ڪئي وئي؟ ڪيس مقرر ڪرڻو جو طريقيڪار ڇا آهي؟ ان دوران سُپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي چيو ته ماڻهو پڇي پڇي ٿڪجي پيا آهن پر اسان جا ڪيس شنوائي لاءِ مقرر نٿا ٿين. جسٽس فائز عيسيٰ رجسٽرار کان سوال ڪيو ته جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ منهنجي بئنچ تبديل ڇو ڪئي وئي، بنا ٻڌائڻ جي بئنچ تبديل ڪرڻ سبب عوام جي ذهن ۾ شڪ شهبا جنم وٺن ٿا. ان تي رجسٽرار جواب ڏيندي چيو ته چيف جسٽس جي اسٽاف آفيسر جي زباني هدايتن تي بئنچ تبديلي جو پروپوزل تيار ڪيو. چيف جسٽس جي اسٽاف آفيسر چيو ته چيف جسٽس جي هدايت آهي ته ججز روسٽر تبديل ڪيو وڃي. ان موقعي تي جسٽس فائز عيسيٰ فريادي ڌر ۽ وڪيلن کان معذرت ڪندي چيوته هو اڄ شنوائي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اوچتو بئنچ جي تبديلي جا سبب ناهن ڄاڻايا ويا، اوچتو بئنچ جي تبديلي ۽ ڪيس مقرر ٿيڻ سان شڪ شهبا جنم وٺندا آهن. جسٽس فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته حلف ۽ ضابطا سڀني سان هڪجهڙو ورتاءُ ڪرڻ جي گهر ڪن ٿا، آرٽيڪل 10 اي بنيادي حقن ۾ شامل آهي جيڪو ڊيو پراسس جي ڳالهه ڪري ٿو. بئنچ تبديل ڪرڻ جا قانوني سبب هئڻ گهرجن، سڀاڻي ماڻهو چوندا ته مرضي جي بئنچ جوڙي مرضي جو فيصلو ٿيو. عدليا جو وقار شفافيت نه هئڻ سان گهٽجي ويندو، شفافيت جي اهم گهرج آهي ته جيڪو ڪيس پهريان داخل ٿئي اِهو پهريان شنوائي لاءِ مقرر ٿئي. جسٽس يحييٰ آفريدي رجسٽرار کان سوال ڪيو ته ڇا هي روسٽر اوهان نه چيف جسٽس ٺاهيو آهي؟ ان تي رجسٽرار ٻڌايو ته شروعاتي روسٽر ٺاهي چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيون ٿا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سوچي سمجهي ڳالهايو، عوام سُپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي ٿو، عوام انصاف لاءِ اعليٰ عدالت جو در کڙڪائي ٿو. جيڪڏهن اوهان منهنجي چوڻ ته منهنجي ڀاءَ جو ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو ته انصاف جو اڌ قتل ته اوهان ڪري ڇڏيو. رجسٽرار چيو ته چيف جسٽس جي اسٽاف آفيسر زباني چيوته هدايت آهي ته روسٽر تبديل ڪيو وڃي، ڄاڻايل روسٽر تبديل ڪري چيف جسٽس کان منظوري ورتي وئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منظوري ۽ اُها فائيل ڏيکاريو جنهن تي نوٽ تيار ڪري موڪليو ويو، ان تي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار چيو ته سر فائيل ناهي، هڪ هڪ ڪاغذ ٺاهي موڪليندا آهيون. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ڇا چيف جسٽس کي بئنچ جي جوڙجڪ ۽ ڪيسن جي فڪسيشن جو مڪمل اختيار آهي؟ انصاف جو رڳو هجڻ ڪافي نه آهي پر اِهو ٿيندي به نظر اچڻ گهرجي. هن پڇاڻو ڪيو ته جوڳا ڪارڻ نه هئڻ باوجود بئنچ ڇو تبديل ڪئي وئي؟ ان تي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڳالهائڻ شروع ڪيو ته “حقيقت ۾ اسان” ته جسٽس فائز عيسي کيس ٽوڪيندي چيو ته ” اسان نه چئو” اسان جو لفظ ته بادشاهه استعمال ڪندا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسي بئنچ جي تبديلي جو حڪم ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button