اسلام آبادپاڪستان

هڪ شخص آئين ۽ عدالتن تي حملا آور آهي،ڪوئي نوٽيس ناهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ججن کي گار ڌمڪي، عدالتن تي حملا ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جي ڀڃ ڊاهه ڇو؟ ڇو ته فارن فنڊيڊ گهڙي چور وٽ ڪوئي جواب نه آهي. اڱاري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن عدالتون پيشي لاءِ منٿون ڪرڻ لڳن ته تاريخ تي تاريخ ڏينديون ته ايئن ته ٿيندو. هن چيو ته هڪ شخص آئين ۽ عدالتي نظام تي حملا آور آهي، ڪوئي نوٽيس نه آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته گهڙي چور، توشا خانا چور پيش ٿئي جا آواز اچي رهيا آهن پر عمران خان گم آهي. عمران خان پيش نه ٿئي ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. هن بيان ۾ چيو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي، جواب مليو ته وقت جو نٿا ٻڌائي سگهون. عدالت پڇي رهي آهي جوابدار ڪنهن وقت پيش ٿيندو. جواب مليو عمران خان سان رابطو نه پيو ٿئي. عدالت گهڙي چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو. فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي. توشا خانا ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي، اتان به هي روپوش آهي واه ڀاءُ! مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف ڌيءَ سان گڏ روز عدالت پيش ٿي پئي سگهيو ته عمران خان بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان ڇو نٿو پيش ٿي سگهي. عمران خان ڏٺو ته وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوي ٿو، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گهڙي ڇو وڪرو ڪئي، بشريٰ بي بي هيرن جو هار ڇو وڪرو ڪيو، عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button