اسلام آبادپاڪستان

جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه،هٿياربندن سميت 25 گرفتار

اسلام آباد :اسلام آباد پوليس جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندي پي ٽي آءِ ڪارڪن سخت بدنظمي جو مظاهرو ڪيو ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس موجب ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو ۽ هجوم مان ڪلاشنڪوف ۽ ٻين هٿيارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته منصوبي تحت جڊيشل ڪامپليڪس ۽ هاءِ ڪورٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي. پوليس موجب سياسي جماعت جا اڳواڻ هجوم جي قيادت ڪري رهيا هئا، هجوم کي نقصان لاءِ اڪسايو ويو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرائي وئي. جڊيشل ڪامپليڪس ۾ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، پوليس حڪمت عملي سان هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙن امڪاني قدمن کي روڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته 25 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. وڌيڪ گرفتارين لاءِ مختلف صوبن ۾ پوليس ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.ياد رهي ته عدالت پاران عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ سيشن ڪورٽ ٻاهران جمع ٿي ويو.ڪالهه عمران خان لاهور کان روڊ رستي چئن مختلف ڪيسن ۾ پيشي لاءِ اسلام آباد پهتو. عمران خان ڪيسن ۾ پيشي لاءِ وڏي هجوم سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس پهتو جتي هو عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سخت بدنظمي جو مظاهرو ڪندي هنگامو ڪيو ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا. پي ٽي آءِ ڪارڪن وڏي انگ ۾ سيڪيورٽي جون سموريون رنڊڪون هٽائي جڊيشل ڪمپليڪس اندر داخل ٿي ويا ۽ پوليس اهلڪارن سان بدتميزي پڻ ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ کان روڊ رستي اسلام آباد پهتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button