اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جو شرط،هارين کي ملندڙ سبسڊي ختم

اسلام آباد :حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي هارين لاءِ به بجلي مهانگي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت بجلي اگهن ۾ هارين جي پيڪيج تحت ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪري ڇڏي، جنهن سان هارين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 3 رپيا 60 پئسا واڌ ٿي وئي آهي. پاور ڊويزن فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي ورهائيندڙ ٻين ڪمپنين کي خط لکي ڇڏيو آهي، پاور ڊويزن ناڻي واري وزارت ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت کي به خط جي ڪاپي موڪلي آهي. زرعي واهپيدارن کي بجلي 13 رپين بدران 16 رپيا 60 پئسا في يونٽ جي حساب سان ملندي، ان قدم سان وفاقي حڪومت کي زرعي واهپيدارن کان جون تائين 14 ارب رپيا حاصل ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button