پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ وزيرستان واسي سميت 3 منشيات فروش گرفتار، 250 ڪلو چرس هٿ

سنجھورو: سانگهڙ پوليس بين الصوبائي منشيات فروش 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان 250 ڪلو چرس هٿ آيو. گرفتار جوابدار فورسز جي يونيفارم پائي منشيات اسمگل ڪري رهيا هئا. تفصيل موجب گذريل رات سي آئي اي پوليس سانگهڙ سنجھورو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڪاري ويگو گاڏي نمبر 1966-QBA کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي حڪومت بلوچستان جي نمبر پليٽ ۽ گاڏي تي نيري لائيٽ لڳل هئي، پوليس مرڪزي جوابدار منشيات فروش عبدالخالق ولد عبدالرزاق ڪاڪڙ، وزيرستان واسي ڪاشف ولد شير نواز وزير پٺاڻ ۽ وزيرستان واسي زيتون خان ولد اڪبر خان کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان 10 ڪروڙ رپين جي ماليت جو 6 مڻ 10 ڪلوگرام چرس، غيرقانوني هٿيار، مختلف گاڏين جون 4 نمبر پليٽون، 6 هٿيارن جا لائسنس ۽ 2 گاڏين جا دستاويز، ڪينٽ ايريا جا گيٽ پاس ۽ ٻيا دستاويز هٿ آيا. سنجهورو ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جي شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته هٿ ڪيل منشيات قلعي عبدالله کان سنجھورو ڏانهن اسمگل ڪئي پئي وئي. ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي سي آءِ اي پوليس جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي سي آئي اي انسپيڪٽر جاويد احمد جلباڻي ۽ سندس ٽيم جي حوصلا افزائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button