پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ڊويزن ۾ آدمشماري لا 10 هزار بلاڪ ٺهيا آهن:بلال ميمڻ

ٽنڊوالهيار: ڪمشنر حيدرآباد ٽنڊوالهيار پهچي مردم شماري جو افتتاح ڪيو. ڪمشنر حيدرآباد بلاول ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ سان گڏجي گلشن مهراڻ ڪالوني کان مردمشماري جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر بلاول ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مردم شماري مرحلو پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين جاري رهندو، مردمشماري ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ 10 هزار بلاڪ تيار ڪيا ويا آهن ۽ ايترو ئي عملو مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪو گهر گهر وڃي ڊيٽا ڪليڪٽ ڪندو. ڪمشنر موجب سيڪيورٽي جي حوالي سان پوليس ۽ آرمي جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن، ضلعي ۾ 100 آرمي جا جوان به مقرر ڪيا ويا آهن، هر ٽيم سان هڪ پوليس جو جوان ۽ هڪ آرمي جو جوان گڏ هوندو، ڪٿي به ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ته 10 منٽ اندر مقرر ڪيل فورس اتي پهچندي، اميد آهي ته مردمشماري جو مرحلو خيريت سان مڪمل ٿيندو. ان موقعي تي ڊي سي ولي محمد بلوچ ۽ ايس ايس پي سليم شاھه به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button