پاڪستان

جيل ڀريو تحريڪ معطل،اليڪشن مهم هلائڻ جو اعلان، چونڊن ۾ دير جو ڪو به حربو ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ معطل ڪري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ اليڪشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي سان آئين کي برقرار رکڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جيل ڀريو تحريڪ کي معطل ڪري رهيا آهيون، هاڻي اسان خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ اليڪشن مهم سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، چونڊن ۾ دير جو ڪو حربو ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هوڏانهن زمان پارڪ لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي اليڪشن ڪميشن کان بنا دير چونڊن جي شيڊيول جي اعلان جو مطالبو ڪيو. عمران خان چيو ته آئين تان ڦرڻ جي ڪوشش نه پهرين ڪڏهن قبول ڪئي هئي ۽ نه هاڻ ڪنداسين، قومي سطح تي صاف شفاف چونڊون ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو اڪيلو ذريعو آهي، چونڊن ۾ دير جا حربا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button