پاڪستانسنڌ

آدمشماري ۾ هر فرد کي پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ ضروري آهي:مير شارق ٽالپر

ڊگھڙي: ڊگهڙي تعلقي ۾ آدمشماري 2023ع جو افتتاح پ پ اڳواڻ مير شارق علي خان ٽالپر ڪيو. ان موقعي تي مير شارق علي خان ٽالپر چيو ته هر فرد کي آدمشماري ۾ پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ ضروري آهي، ڇو ته آدمشماري جي بنياد تي ملڪ ۾ رٿابندي ڪئي ويندي آهي، هن شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي ته گهر گهر ايندڙ آدمشماري وارين ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي محمد آصف خاصخيلي، ڊگھڙي ايس ايڇ او آفتاب رند، ٽي اي او ڊگھڙي درمحمد شالماڻي تعليم کاتي جا سينيئر استاد منظور علي چيليو، منظور علي چانڊيو، مير عبدالحفيظ ٽالپر ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button