پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ ڪتابي ميلو، اسان کي ڪتاب پڙهڻ جو ماحول جوڙڻ گهرجي:مقرر

چيلھار: چيلهار ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلهار پاران روشني پبليڪيشن جي سهڪار سان رائچند راٺوڙ لائبرري ۾ سنڌ ڪتابي ميلو ۽ علمي ادبي سکيا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، سنڌ ڪتابي ميلي جو افتتاح ٿر جي سينيئر صحافي غازي نھڙيو، نامياري ليکڪ ڀارومل امراڻي، ٽائون ايڊمنسٽريٽر هنود جوشي ۽ ٻين ڪيو. ميلي ۾ چيلهار ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين، نوجوانن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. لائبرري جي هال ۾”جديد دور جون علمي ۽ ادبي گهرجون، جي موضوع هيٺ سکيا ڏيندي نامياري تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر شمس الدين راٺوڙ چيو ته هي دور جديد سائنسي علم، ادب ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، اسان کي علمي ۽ ادبي طور هن دور سان هلڻ گهرجي، جن قومن، قبيلن ۽ سماجن مثبت سوچن ۽ عملي قدمن سان پنهنجي نئين نسل کي علم ۽ ادب سان گڏ فني ۽ فڪري ڌارائن جو درس ڏنو آهي، اهي قومون ترقي يافتا ٿي ويون آهن، دنيا گلوبل وليج ٿي وئي آهي، هتان جو ڳوٺاڻو شاگرد ٽيڪنالاجي ذريعي دنيا جي سڌريل درسي ادارن ۽ لائبررين تائين رسائي ڪري سگهي ٿو. هن تاريخي حوالا ڏيندي چيو ته يورپ سورنهين صدي ۾ هڪ نئين ۽ روشن خيال معاشري جو بنياد رکڻ سان گڏ سائنسي دريافتن ۽ ايجادن تي ڪم شروع ڪيو، اسان تمام گهڻو پوئتي آهيون، اسان کي پنهنجا سماجي ثقافتي رويا تبديلي ڪري نئين ڏينهن نئين ويچار سان سائنسي علم ۽ ٽيڪنالاجي طرف وڌڻ گهرجي. ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهن. اسان کي ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جو ماحول جوڙڻ گهرجي. محتسب اعلى مٺي ڄام فرهان بيگ ڏهر صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ٿر علمي ۽ ادبي طور شاهوڪار خطو آهي، هتان جي نوجوانن کي علم حاصل ڪرڻ جي اڃ آهي، ٽيڪنالاجي طرف وڌڻ جي اڪير آهي، ان لاءِ وسيلا مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي. روشني پبليڪيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت چيلهار ۾ ادبي ميلو ۽ سکيا پروگرام رکي ساراهه لائق ڪم ڪيو آهي. نامياري ليکڪ ڀارومل امراڻي چيو ته گل ٽڙڻ جي موسم ۾ شعور جي ڪتابن ۽ سکيا جا ميڙا مچائڻ هڪ بهترين روايت آهي. پروگرام ۾ تعليمي آفيسر بچل هاليپوٽي، منور شاهه، انفارميشن آفيسر نعمان ڀٽي، سياسي سماجي اڳواڻ ريجهومل ميگهواڙ، نوجوان تعليمدان امتياز نور ڪنڀر، چنديرام سوٽهڙ، نندلال روهيل، سيتارام سوٽهڙ، سورج ڪمار، غازي خان نهڙيو، مٺومل پرمار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button