پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم کي انٽرنيشنل ليول جو بڻايو ويندو:هادي بلو

ميرپورخاص : ميرپورخاص ۾ ناليواري صحافي شھيد سلطان محمود چانڊيو جي نالي سان منصوب 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چئمپيئن شپ 2023ع جي افتتاحي تقريب پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿي، جنھن کي خطاب ڪندي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي سيڪريٽري عبدالھادي بلو چيو تھ سنڌ ۾ راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جوڳيون ڪوششون ڪري رھي آھي، اسپورٽس کاتي جي 64 گرائونڊن جي بھتري جو ڪم جاري آھي، باقي 40 گرائونڊن کي بھ جلد بھتر بڻايو ويندو. ھن چيو تھ ميرپورخاص جي گاما اسٽيڊيم کي انٽرنيشنل ليول جو گرائونڊ بڻايو ويندو، سنڌ جا نوجوان فٽنيس ۽ ڊسيپلين وسيلي عالمي سطح جي مقابلن لاءِ پاڻ کي تيار ڪن، جلد ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو. ھن چيو تھ ملهھ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ونجھه وٽي سميت سنڌ جي ثقافتي راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پروگرام رٿيا ويا آھن، سيڪريٽري فائنل ميچ کٽيندڙ ٽيم لاءِ صوبائي وزير پاران ھڪ لک ۽ رنر اپ ٽيم لاءِ 50 ھزار رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر نذير پنھور چيو تھ رانديون ھڪ صحتمند سماج جوڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ميرپورخاص پريس ڪلب جتي صحافين جي ڀلائي سميت مختلف قدرتي آفتن دوران امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙھي ڪردار ادا ڪيو آھي، اتي نوجوانن کي صحتمند سرگرمين طرف راغب ڪرڻ ۽ ثقافتي راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ بھ وسان ناھي گھٽايو. تقريب ۾ ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي ميرپورخاص رٽائرڊ ڪيپٽن اسد علي چوڌري، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر غفار ناريجو، پ پ اڳواڻ چوڌري نظام الدين، معزز اقبال پنھور ۽ رشيد پنھور سميت راندين جي شوقينن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button