حيدرآباد: وومين ايڪشن فورم جي وفد “روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد” جي هيڊ آفيس پهچي 8 مارچ تي رٿيل “عورت آزادي مارچ” ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. خبر موجب وومين ايڪشن فورم جي وفد حسين مسرت ۽ روزينه جوڻيجو ڪالهه “روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد” جي هيڊآفيس پهچي نيوز ايڊيٽر شبير نظاماڻي ۽ ايڪسپريس ميڊيا گروپ حيدرآباد جي بيوروچيف جنيد خانزاده، اسٽاف رپورٽر يوسف ميربحر، اشوڪ راماڻي، غلام رسول برفت کي مارچ ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني، جنهن دوران عورت آزادي مارچ جي وفد موقف اختيار ڪيو ته سڄي سماج جي آزادي عورت جي آزادي سان جڙيل آهي، جنهن تحت 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي دنيا جيان حيدرآباد ۾ به “عورت آزادي” جي عنوان سان شهباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين مارچ ڪڍيو ويندو.
هنن چيو ته حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اٺين عورت آزادي مارچ ۾ مطالبا رکيا ويندا ته ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن ۾ لڏپلاڻ جي ڪري عورتن جي اقتصادي، سماجي زندگي تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو جائزو ڪري اُپا ڪرڻ سميت عورتن کي معاشي، سماجي توڙي قانوني انصاف مهيا ڪري اقتصادي ۽ معاشرتي ترقي ۾ برابري جي بنياد تي شريڪ ڪيو وڃي. هنن چيو ته عورت آزادي مارچ ۾ هنن مطالبن سان گڏوگڏ اهو به مطالبو ڪيو ويندو ته گهرو تشدد، ڪاروڪاري، جرڳا سسٽم، سڱ چٽي، پيٽ لکي ڏيڻ ۽ حراسمينٽ سميت عورتن خلاف هر قسم جو دٻا ۽ تشدد جو خاتمو آندو وڃي، جڏهن ته اقليتي مذهب سان تعلق رکندڙ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جو جبري مذهب تبديلي سان ٿيندڙ غيرقانوني شادين جو خاتمو ڪيو وڃي.