اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيليٽي اسٽورن تي في ڪلو گيهه 115 رپيا مهانگو

اسلام آباد :حڪومت گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي. اڳ ئي مهانگائي جي ستايل شهرين کي حڪومت رمضان کان اڳ مهانگائي جو هڪ ٻيو تحفو ڏئي ڇڏيو ۽ سڄي ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم پيڪيج تحت في ڪلو گيهه 115 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب گيهه 375 رپين مان وڌائي 490 رپيا ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدارن لاءِ اها واڌ نه هوندي. واضح رهي ته وزيراعظم پيڪيج تحت گيهه جي قيمت ۾ ٻن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي. جنوري ۾ گيهه جي قيمت ۾ 75 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي هئي ۽ رڳو ٻن مهينن ۾ گيهه مجموعي طور 190 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button