اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ بيڪ ڊور ڳالهيون نه پيون ٿين: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد :پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪي بيڪ ڊور ڳالهيون نه پيون ٿين. 4 کان 7 مارچ تي جرمني جو پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪندو. هفتيوار بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته 8 مارچ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام ۽ عورتن بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ويندو. پاڪستان طرفان ڪوٺايل هي ڪانفرنس گڏيل قومن ۾ ٿيندي. پاڪستان چيئر آف منسٽرز طور او آئي سي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته فيبروري ۾ به والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ڪيا ويا، ٻن ڪشميرين کي شهيد ۽ 7 کي زخمي ڪيو ويو، پنهنجي حقن لاءِ اواز اٿاريندڙن تي گوليون هلايون ويون. 400 کان وڌيڪ ڪشميري اڳواڻ صحافي ۽ دانشور ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن. هن وڌيڪ چيو ته اٽلي جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي ۾ 2 پاڪستاني فوت ٿيا، 17 پاڪستانين کي بچايو ويو ۽ ٻه غائب آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button