اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

پاڪستان جي تاريخ بلوچن جي قربانين کانسواءِ ناممڪن آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف غيرتمند بلوچن کي بلوچي ثقافت جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي خوبصورتي بلوچ تهذيب ۽ تمدن جي رنگن ۽ پاڪستان جي تاريخ، بهادر بلوچن جي قربانين کانسواءِ ناممڪن آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بولان جي پهاڙن کان گوادر جي سمنڊن تائين غيرتمند بلوچن کي اڄ بلوچي ثقافت جو ڏينهن تمام گهڻو مبارڪباد هجي. پاڪستان جي خوبصورتي بلوچ تهذيب ۽ تمدن جي رنگن ۽ پاڪستان جي تاريخ، بهادر بلوچن جي قربانين کانسواءِ ناممڪن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button