اسلام آبادپاڪستان

لائين لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا بجلي جي لائين لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي لائين لاسز ۽ بجلي چوري واري معاملي تي وفاقي ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي. ڪابينا بجلي جي لائين لاسز گهٽائڻ لاءِ بجلي چوري خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ 23 جنوري جي بجلي جي بريڪ ڊائون تي 18 صفحن تي ٻڌل رپورٽ به پيش ڪئي وئي. ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن رپورٽ تي تفصيلي بحث ڪيو، رپورٽ ۾ اين ٽي ڊي سي، نيپرا، پاور ڪنٽرول مئنيجمنٽ ۽ شفٽ انچارج کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف لاڳيتو ٽن بريڪ ڊائونز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پاور منسٽري کي گڏيل پلان جوڙڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي. وزيراعظم سسٽم جي بهتري لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button