اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڏيوالي جون خبرون غلط،ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيندو:اسحاق ڊار

اسلام آباد : ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون خبرون مڪمل طور غلط آهن، وقت تي ٻاهرين ادائيگين باوجود اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گذريل هفتي هڪ ارب ڊالرن جي واڌ ٿي. هن چيو ته پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن پاڪستان کي سهولتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ کان ورچوئل ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي مالياتي فنڊ سان اسان جون ڳالهيون مڪمل ٿيڻ واريون آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته ايندڙ هفتي تائين آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويندو.هن چيو ته سمورا معاشي معاملا صحيح رخ ۾ هلي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button