عثمان شاھه ھڙي: عمر ساند ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ابراهيم عاقلاڻي جي واٽر سپلائي اسڪيم جي ٽرانسفارمر مان نامعلوم چور ڪاپر واريون ڪوائلون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن مير خان عاقلاڻي، شريف عاقلاڻي ۽ شاھجھان عاقلاڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڀوڦاڙ شاخ ڀرسان ڳوٺ ابراهيم عاقلاڻي جي واٽر سپلائي اسڪيم جي ٽرانسفارمر لاهي ڪوائلون چوري ڪري ويا. جنهن جي ماليت لکين رپيا آھي. عمرساند ٿاڻي جي حد ۾ ڦر ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آھن، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي. هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي عمرساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close