پاڪستانپنجاب

حڪومت چاهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ڏکيو ناهي:گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ سزا کان بچڻ لاءِ بهانا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت هڪ دفعو فيصلو ڪري وٺي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ڏکيو ناهي، مٿس توشا خانا ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آھي. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي قاتلاڻي حملي جو ڪو به معاملو ناهي، عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ سزا کان بچڻ لاءِ بهانا ڪري رهيو آهي، اسلام آباد پوليس حڪومت جي چوڻ تي نه پر عدالت جي حڪم تي وارنٽ کڻي لاهور وئي هئي، عمران نيازي کي گرفتار ڪرڻو هجي ها ته “برگر” رنڊڪ نه بڻجي سگهن ها. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري لاءِ اسلام آباد پوليس لاهور وئي، عمران خان تي توشا خانا ڪيس ۾ فرم جرم لاڳو ٿيڻو آهي، کيس خبر آهي ته پيش ٿيندس ته فرد جرم لاڳو ٿيندو، مٿس قاتلاڻي حملي جي ڪهاڻي ڪوڙ تي ٻڌل آهي، سڀ عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ جا بهانا آهن، مٿس ڪو به قاتلاڻو حملو نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جنهن ڏينهن فيصلو ڪيو ان ڏينهن گرفتاري ڏکيو ڪم ناهي، عمران جڏهن ٽي ڏينهن اڳ ها ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو ته ان وقت به گرفتاري ٿي پئي سگهي، جيڪڏهن گرفتاري ڪرڻي هجي ها ته ڪارڪن نه روڪي سگهن ها، جيڪڏهن عمران کي هر قيمت تي گرفتار ڪرڻو هجي ها ته “برگر” رنڊڪ نه بڻجي سگهن ها، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي پر ملڪ جون موجوده حالتون سڀني جي سامهون آهن. اهڙيون چونڊون ٿيڻ گهرجن جنهن سان ملڪ بهتري طرف وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button