پاڪستان

اسلام آباد پوليس گرفتاري لا زمان پارڪ ۾ موجود، ڪوڙي ڪيس ۾ عدالت گهرائي قتل ڪرڻ جي سازش آهي:عمران خان

اسلام آباد پوليس سيشن ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ فرد جرم جي شنوائي تي 3 ڀيرا غير حاضر رهڻ تي تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لا زمان پارڪ لاهور پهچي وئي، پوليس کي وڏي ڏکيائي سان عمران خان جي رهائشگاهه اندر اچڻ ڏنو ويو پر هو پنهنجي ڪمري ۾ موجود نه هو، جنهن بعد پي ٽي آئي جي اڳواڻن ۽ وڪيلن نوٽيس وصول ڪيو، اهلڪار رات دير تائين زمان پارڪ ۾ موجود هئا. تفصيل موجب اسلام آباد پوليس ڪالهه منجهند ساڍي 12 هين لڳي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لا لاهور سندس رهائشگاهه زمان پارڪ پهتي. توشا خانا ڪيس ۾ عدالت جي حڪمن جي تعميل لاءِ اسلام آباد پوليس جا اهلڪار ايس پي حسين طاهر جي اڳواڻي ۾ زمان پارڪ پهتا ته کين اڳتي وڃڻ کان روڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي اسلام آباد پوليس جي پهچڻ ۽ عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي اطلاع تي شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، فواد چوڌري، اعجاز چوڌري، ياسمين راشد، مسرت چيما، جمشيد اقبال چيما، زبير نيازي ۽ مرد توڙي عورت ڪارڪنن جو وڏو انگ به زمان پارڪ پهچي ويو، ڪيترن ئي ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڏنڊا کنيل هئا جيڪي مختلف نعرا هڻندا رهيا، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي حفاظت لاءِ پنجاب پوليس جا جوان به پهتا. ان موقعي تي پي ٽي آئي جا ڪارڪن اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن جو گهيرو ڪري شديد نعريبازي ڪندا رهيا، جڏهن ته پي ٽي آئي جا اڳواڻ ۽ پنجاب پوليس جا جوان نعرا هڻندڙ ڪارڪنن کي پٺتي ڌڪيندا رهيا جنهن کان پوءِ اسلام آباد پوليس مشڪل سان عمران خان جي رهائشگاهه اندر اچڻ ڏنو ويو، جتي عمران خان ڪمري ۾ موجود نه هو. پي ٽي آئي جي اڳواڻن ۽ وڪيلن پاران نوٽيس وصول ڪيو ويو، پي ٽي آئي جي ڪارڪنن عمران خان جي رهائشگاهه طرف ويندڙ سمورن رستن تي ڌرڻو هنيو. ٻئي طرف عمران خان زمان پارڪ واري رهاشگاهه اندر ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته توشا خانا ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، مان اڄ تائين ڪنهن فرد يا اداري جي اڳيان ناهيان جهڪيو ۽ نه ئي توهان کي جهڪڻ ڏيندس، جن ماڻهن کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي انهن جا پئسا ٻاهر پيا آهن، مان ڀڄڻ ۽ ڊڄڻ وارو ناهيان، ڪارڪن مون سان گڏ آهن، منهنجي زندگي کي خطرو آهي، ڪورٽن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهيان، مون کي مارڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته مون کي خطرو ئي تحفظ ڏيندڙن مان آهي، مون کي جعلي ڪيسن ۾ وري وري گهرايو پيو وڃي، سڀني جي سامهون آندو وڃي ته مون تي ڪهڙو ڪيس آهي، جيڪي ڏوهاري آهن انهن کي معافي ملي وئي، مان هر پيشي تي ايندو رهيو آهيان ته پوءِ به ڪيس ڪيا پيا وڃن، عدالتن اندر ڪا سيڪيورٽي ناهي ۽ هي مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ عدالت گهرائي قتل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هي مون کي رستي تان هٽائڻ چاهين ٿا، منهنجو مطالبو آهي ته توشا خانا ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، اڳوڻو وزيراعظم آهيان ۽ مون تي قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button