پاڪستان

قوم هڪ ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي طنز سان ڀرپور تبصرو ڪندي چيو آهي ته قوم ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز لکيو ته شينھن بيڏوهي هوندي به ڌي جو هٿ پڪڙي لنڊن مان پاڪستان اچي گرفتاري ڏيندو آھي پر جيڪڏهن ليڊر چور هجي ته ٻين جي نياڻين کي ڍال بڻائي لڪي ويهي رهندو آهي، قوم ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي چڪي آهي، ٻاهر نڪر بزدل ماڻهو! مهرباني ڪري عمران خان کي اوڌر تي ٿوري بهادري ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button