مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي طنز سان ڀرپور تبصرو ڪندي چيو آهي ته قوم ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز لکيو ته شينھن بيڏوهي هوندي به ڌي جو هٿ پڪڙي لنڊن مان پاڪستان اچي گرفتاري ڏيندو آھي پر جيڪڏهن ليڊر چور هجي ته ٻين جي نياڻين کي ڍال بڻائي لڪي ويهي رهندو آهي، قوم ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي چڪي آهي، ٻاهر نڪر بزدل ماڻهو! مهرباني ڪري عمران خان کي اوڌر تي ٿوري بهادري ڏيو.
پڻ چيڪ ڪريو
Close