اسلام آبادپاڪستان

ججن ۽ فوجين سميت آفيسرن کي ملندڙ مراعتن جا تفصيل طلب

اسلام آباد :پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سپريم ڪورٽ جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڱاري تي پي اي سي هڪ مهيني ۾ اعليٰ عدليا جي ججز جون پگهارون، مراعتون ۽ پلاٽن جو تفصيل طلب ڪيو آهي. هن کان اڳ پي اي سي اعليٰ عدليا جي مراعتن جي حوالي سان رپورٽ گهري هئي، جنهن تي آڊيٽر جنرل ٻڌايو ته کيس رڪارد تائين پهچ نه پئي ملي. موجوده اجلاس ۾ ٻيهر هي معاملو اٿاريو ويو ۽ پي اي سي چيئرمين هڪ مهيني ۾ اعليٰ عدليا جي ججز جون پگهارون، مراعتون ۽ پلاٽن جو تفصيل گهري ورتو. ان ڏس ۾ پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ روينيو ڊويزن بابت سال 22-2021ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم ڏيندي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۽ الائونسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيئرمين ڪميٽي چيو ته عوام کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته انهن جي پئسن مان ڪير فائدو ۽ پگهارون وٺي رهيو آهي؟ ڪيترا فائدا ۽ پلاٽ ڏنا ويا آهن. ڪميٽي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان ڪنهن ضلعي يا صوبي ۾ مقرر آفيسرن جي لسٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ڇا انهن آفيسرن جي لسٽ توهان وٽ پهچي وئي آهي؟ آڊٽ عملدارن چيو ته لسٽ اسان وٽ ناهي آئي. چيئرمين پي اي سي چيو ته ايف بي آر هر ملازم کان پڇي ته انڪم ٽيڪس ڪيترو ادا ڪري ٿو، گهر ڪيئن ٺاهيا، پلازا ڪيئن خريد ڪيا؟ چيئرمين ايف بي آر چيو ته اسان کي اڃا تائين سي ڊي اي کان ڊيٽا نه ملي آهي. جنهن تي چيئرمين پي اي سي چيو ته جيڪڏهن ڪو 3 کان 4 ڪروڙن جو دڪان خريد ڪري رهيو آهي ته ان جو رڪارڊ چيڪ ڪريو. ڪميٽي اسلام آباد ۾ روڊ بلاڪ ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. نور عالم خان چيو ته آچر تي سرينگر هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويو، آئون پشاور کان اچي رهيو هوس، توهان روڊ بلاڪ نٿا ڪري سگهو، توهان روڊ بلاڪ نه ڪيو. اسان گهرو سيڪريٽري کي خط لکيو آهي ته هي غير قانوني ڪم نه ڪيو وڃي، وي آءِ پي ڪلچر جو خاتمو نه پيو ڪيو وڃي. نور عالم خان چيو ته آڊٽ رڳو پئسن جي نه هوندي، هر شيءِ جي آڊٽ ٿيندي، آڊيٽر پنهنجي مرضي موجب جاچ ڪري سگهن ٿا، حڪومت جي ماڻهن جو پئسو ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان ڪارڪردگي جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي. هر اداري کي ڪيترا پلاٽ مليا، تفصيل ڪميٽي کي ٻڌايو وڃي، ڪميٽي آڊٽ اختيارين کي سپريم ڪورٽ آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ميمبر ڪسٽم ايف بي آر چيو ته مڪا چاغي ۾ ڪا به باهه ناهي، اتان اسمگلنگ ٿيندي آهي، بسون به ضبط ڪيون پيون وڃن، ڪنٽينر به پڪڙيا پيا وڃن. نزهت پٺاڻ چيو ته ايران کان ايندڙ زائرين جون بسون غير قانوني سامان کڻي وڃن ٿيون، خبر ناهي ڪيئن ڪسٽم ڪليئر ڪري انهن کي ٻاهر ڪڍي ٿو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته اسان پاڪستان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسمگلنگ گرين چينل ذريعي ٿيندي آهي، ڪليڪٽر ملوث آهن، جاچ ڪئي وڃي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته سرحدن تي اسان جي موجودگي رڳو نوٽيفڪيشن چيڪ پوسٽن تي آهي، برجيس طاهر چيو ته ڊالر ٽرڪن ذريعي افغانستان جي سرحد پار ڪري رهيا آهن، نور عالم خان چيو ته طورخم بارڊر تي توهان جي ٽيم ناهي؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان صرف هڪ اداري جي پويان ڇو آهيون.ميمبر ڪسٽم ايف بي آر واضح ڪيو ته اداري هڪ سال ۾ ساڍا 4 ملين ڊالرن جي ڪرنسي ضبط ڪئي آهي. ٻئي طرف ڊان ڊاٽ ڪام جي ويب سائيٽ موجب ججن ۽ فوجين سميت سرڪاري آفيسرن کي ملندڙ مراعتن بابت تفصيل گهريا ويا آهن. نور عالم خان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا فوجي آفيسرن جي مراعات جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته هن سمورن سرڪاري آفيسرن کي ڏنل پلاٽن ۽ مراعات جا تفصيل طلب ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button