اسلام آبادپاڪستان

عمران جا وارنٽ معطل،13 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا ۽ کيس 13 مارچ تي سيشن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق شنوائي ڪئي، ڪالهه منجهند 3 وڳي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. شنوائي دوران چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي وڪيل کي چيو ته اهي وارنٽ جوابدار کي ڪنهن جيل ۾ وجهڻ لاءِ ته ناهن هوندا، توهان ٻڌايو ته عدالت جوابدار کي ٻئي ڪهڙي طريقي سان گهرائي؟ قانون ۾ ته جوابدار جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ اهو هڪ ئي طريقو آهي، قانون کي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ ڏنو وڃي. عمران خان جي وڪيل چيو اسان جي اپيل آهي ته عمران خان جا وارنٽ رد ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان سان ڇا ٿيندو؟ عدالت ته توهان کي ڪيس جي ٽرائل لاءِ گهرائي رهي آهي، ڪو اهڙو آرڊر پاس نه ڪندس جيڪو عام پريڪٽس کان ٻاهر هجي. فرد جرم لاءِ عمران خان کي ذاتي طور پيش ٿيڻو ته پوندو، 9 تاريخ تي عمران خان کي هتي پيش ٿيڻو آهي، هتي به ٿي وڃي. وڪيل چيو ته عمران خان کي سنگين سيڪيورٽي ٿريٽس آهن، چيف جسٽس چيو ته ميرٽ تي توهان کي هن درخواست ۾ ڪجهه ناهي ملڻو، مون کي ٻڌايو ته عمران خان ڪهڙي تاريخ تي پيش ٿيندو، اسان کي روز سيڪيورٽي ٿريٽس لاءِ ليٽر ايندا آهن ته ڇا ڪم بند ڪري ڇڏيون؟ چيف جسٽس عامر فاروق وڪيل کي چيو ته توهان عمران خان سان صلاح ڪيو، پوءِ عدالت 30 منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ وڪيل ٻڌايو ته عمران خان سان مشاورت ٿي آهي، هو 4 هفتن تائين پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي. عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ 4 هفتن جو وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو پوءِ ته مون واري ڳالهه درست آهي، ڪورٽ ۾ ايندڙ سڀني فريادين کي 2 مهينن جي تاريخ ڏئي ڇڏيان؟ مان ائين ڪو آرڊر قطعي جاري نٿو ڪري سگهان؟ ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني، شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانا ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله تي ٻڌل 4 رڪني بئنچ حڪم جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين جي ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو آهي ته آءِ جي پوليس 14 مارچ تي عمران خان ۽ فواد چوڌري کي پيش ڪري. حڪم نامي جي متن موجب عمران خان ۽ فواد چوڌري ڄاڻي واڻي وقت گهري رهيا آهن، انهن جو رويو قبولڻ جوڳو ناهي، انهن جي ڪميشن سامهون غير حاضري ڄاڻي واڻي آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته گذريل شنوائي تي عمران خان، فواد چوڌري ۽ نه سندن وڪيل پيش ٿيا. ڪميشن آءِ جي اسلام آباد پوليس کي عمران خان ۽ فواد چوڌري جي ضمانت جوڳن گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ فواد چوڌري کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button