اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد:حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ڪابينا لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. وفاقي ڪابينا کان 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي نوٽيفڪيشن لاءِ سرڪوليشن کان سمري جي منظوري ورتي وئي، جنهن کانپوءِ هاڻ ايف بي آر نوٽيفڪيشن جاري ڪندو ۽ نئين شرح پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي. لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ سان ايف بي آر کي 4 مهينن ۾ 15 ارب رپين جي آمدني ٿيندي. ذريعن موجب درآمد ٿيل ۽ مقامي تيار 1400 سي سي گاڏين تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو. امپورٽڊ اليڪٽرانڪس آئٽمز، امپورٽڊ ميڪ اپ جي سامان تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو. ان کانسواءِ پالتو جانورن جي امپورٽڊ خوراڪ، امپورٽڊ شوز، امپورٽڊ ليڊيز پرس، شيمپو، صابڻ، لوشن، امپورٽڊ هيڊ فونز، آءِ پوڊ، اسپيڪرز، دروازن ۽ درين تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو. سمري موجب امپورٽڊ لگزري ٿانون، باٿ فٽنگز، امپورٽڊ ٽائلز، سينيٽري سامان، فانوس ۽ فينسي لائٽس تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button