سنڌ

سنڌ حڪومت طرفان ايف ايم ريڊيو کولڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، قدرتي آفتن، ايمرجنسي صورتحال، ٽريفڪ حادثن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ عوام کي ترت درست آگاهي ڏيڻ ۽ رهنمائي لاءِ ايف ايم ريڊيو چينل لانچ ڪرڻ جو فيصلو، ايف ايم ريڊيو چينل جي نشريات جي شروعات پوري صوبي ۾ ڪئي ويندي، اھڙو فيصلو صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر اشتهارات امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير ھدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي پبلسٽي لاءِ اطلاعات کاتي جي سمورين ڊائريڪٽوريٽ کي متحرڪ ڪرڻ ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت گذريل 15 سالن ۾ سمورن شعبن ۾ ميگا رٿائون مڪمل ڪيون آهن پر ان جي موثر طريقي سان تشھير ناهي ٿي سگھي. پوري پاڪستان ۾ بهترين اسپتالون سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، اين آئي سي وي ڊي، ايس آئي يو ٽي، سائبر نائف ۽ گمبٽ اسپتال شامل آهن، هي اسپتالون نه صرف سنڌ بلڪي پوري پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن جي عوام جي خدمت ڪري رهيون آهن، اهڙي طرح روڊ نيٽ ورڪ، تعليم ۽ سوشل پروٽيڪشن جي شعبن ۾ پڻ مثالي ڪم ٿيو آهي. صوبائي وزير هدايت ڏني ته سنڌ حڪومت جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جو بيانيو موثر نموني بڻايو وڃي، اها اطلاعات کاتي سنڌ جي بنيادي ذميواري آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته رٿا بندي ۽ ترقيات واري کاتي مان گذريل 15 سالن جي منصوبن بابت تفصيل حاصل ڪيا وڃن ۽ ان ڪارڪردگي بابت عوام کي سڌ ڏني وڃي، هن چيو ته سوشل ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ تي فوڪس ڪيو وڃي ۽ ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button