اسلام آبادپاڪستان

قانونن ۾ ترميم منظور،نيب چيئرمين کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ جو فيصلو

اسلام آباد : نيب چيئرمين کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ جو فيصلو ڪندي وفاقي ڪابينا نيب قانونن ۾ ترميمون منظور ڪري ورتيون. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نيب قانون ترميمي آرڊيننس جي مسودي جي سرڪيوليشن سان منظوري ڏني. احتساب عدالت مان اڻ شنوائي جوڳا قرار ڏنل ڪيس قرار چيئرمين نيب ڪنهن ٻئي لاڳاپيل فورم ڏانهن اماڻي سگهندو. آرڊيننس جي متن مطابق نيب چيئرمين اڻ شنوائي جوڳي قرار ڏنل ڪيس جو جائزو وٺي ڪيس بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي سگهندو. لاڳاپيل ايجنسي ڪيس کي التوا جي مرحلي سان کولي سگهندي. نيب مان ڪيس موصول ٿيڻ تي لاڳاپيل اداري کي نئين سر نوان ثبوت گڏ ڪرڻ جو اختيار هوندو. نيب ترميم تحت ڪيس هڪ علائقي جي عدالت کان ٻي عدالت منتقل نه ٿي سگهندو. نيب چيئرمين جي غير موجودگي ۾ نيب جي ڊپٽي چيئرمين چيئرمين طور اختيارن جو استعمال ڪندو. ڊپٽي چيئرمين جي غير موجودگي ۾ وفاق ڪنهن به نيب آفيسر کي چيئرمين جا اختيار حوالي ڪري سگهندو. ڊپٽي چيئرمين 21 گريڊ جي سول آفيسر، ليفٽيننٽ جنرل يا ميجر جنرل جي عهدي جي فوجي آفيسر کي مقرر ڪري سگهندو. نيب ترميم تحت ڊپٽي چيئرمين سينيٽ کي پبلڪ آفيس هولڊر جي زمري ۾شامل ڪيو ويو. هن کان اڳ نيب قانون ۾ چيئرمين سينيٽ پبلڪ آفيس هولڊر جي زمري ۾ شامل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button