ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽيم پاڪستان سپر ليگ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ٽارگيٽ حاصل ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جيسن را صرف 63 بالن تي 145 رنسن جي ميراٿن اننگز کيڏي، جنهن ڪري مخالف ٽيم پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم جي سينچري ضايع ٿي وئي، پنڊي اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽر 241 رنسن جو هدف صرف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ پورو ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ حفيظ به 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڪوئيٽا ٽيم جي بئٽرز 30 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هڻي مجموعي طور ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ وڌ کان وڌ بائونڊريز جو رڪارڊ به قائم ڪري ورتو. جيسن را کي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close