اسلام آبادپاڪستان

توشا خانا جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد : وفاقي حڪومت توشا خانان جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هڪ بيان ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته وفاقي حڪومت توشا خانا جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته توشا خانا جو رڪارڊ ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪيو ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 22 فيبروري جي شنوائي ۾ حڪومت طرفان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين توشا خانا مان ورتل تحفن جي تفصيلن جو سيل ٿيل رڪارڊ پيش ڪيو ويو هو. ڊپٽي اٽارني جنرل اسد باجوا ٻڌايو هو ته اهو رڪارڊ ڪلاسيفائيڊ آهي، عدالت چاهي ته کولي سگهي ٿي، توشا خانا جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ بابت ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button