اسلام آبادپاڪستان

عمران انڪار ڪيو ته گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو:گهرو وزير

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته لازمي آهي ته ان کي گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان توهين عدالت جو رسڪ نه پيا کڻون، عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته لازمي آهي ته ان کي گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو. هي عدالت ۾ پيش ٿئي بري ٿئي ٿو ته ٿي وڃي سزا ملي ته منهن ڏي. هن چيو ته 30 اپريل تي اليڪشن ٿئي ٿي ته حصو وٺنداسين، آئين ۾ رڳو 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو لکيل نه آهي ڪجهه ٻيو به لکيل آهي. آئين ۾لکيل آهي ته سموريون چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن ۽ سڀني صوبن ۾ نگران حڪومت هئڻ گهرجي. راڻا ثناءُالله چيو ته اليڪشن ڪميشن سان غير مشروط تعاون ڪنداسين، پنهنجا وسيلا اليڪشن ڪميشن جي سامهون رکنداسين. هن چيو ته اليڪشن ۾ عدليا پنهنجا ماڻهو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چونڊ عملي ۾ تعليم کاتي جو عملو 25 سيڪڙو هوندو آهي، اهو آدم ڳڻپ ۾ مصروف آهي. آرمي ٻڌايو ته دهشتگردي واري صورتحال سبب آرمي وٽ فورسز جي گهٽتائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button