پاڪستانعالمي

آئي ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي نيٺ فيصلا ڪرڻا پوندا:آمريڪا

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائيس چيو آهي ته آئي ايم ايف فنڊنگ جو رستو کولڻ لاءِ نيٺ پاڪستان کي ئي قدم کڻڻا پوندا. ميڊيا کي ڏنل بريفنگ ۾ نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته هو آئي ايم ايف سان ڪم جاري رکي پر فنڊنگ جو رستو کولڻ لاءِ نيٺ پاڪستان کي ئي فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته سڌارا آڻڻ سان پاڪستان ۾ ڪاروبار وڌيڪ بهتر ٿي ويندو، جڏهن ته اقتصادي فيصلن سان ملڪ جٽادار ترقي جي راهه تي هلي پوندو ۽ بهتر سيڙپڪاري ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، پاڪستان جٽادار ترقي لاءِ مالياتي ادارن ۽ آئي ايم ايف سان ڪم ڪري رهيو آهي، آمريڪا اقتصادي، سيڪيورٽي، سياسي چئلينجز تي پاڪستان جو ڀائيوار بڻجڻ لاءِ تيار آهي، اسان پاڪستان جا ڀائيوار آهيون ۽ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال پاڪستان چاهيون ٿا. نيڊ پرائيس وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ عوام معاشي ڏکياين سميت زبردست مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پنهنجي بريفنگ دوران نيڊ پرائس چيو ته عمران خان جي ريلي دوران لاهور ۾ ٿيل چڪرين کان آگاهه آهيون، ٻنهي ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button