پاڪستانپنجاب

لاهور هائيڪورٽ عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي لڳل پابندي هٽائي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي تقريرن ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پيمرا جي پابندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جون تقريرون ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پيمرا جي پابندي خلاف درخواست تي شنوائي بعد حڪم لاءِ ڪيس التوا هيٺ رکي ڇڏيو هو. درخواست تي وڪيل پيمرا جو موقف هو ته هي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائري ۾ اچي ٿي، ان کان اڳ اهڙي قسم جو ڪيس سومر تي پنج رڪني بئنچ ٻڌي چڪي آهي، ان درخواست کي به پنج رڪني لارجر بئنچ ڏانهن اُماڻيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا معاملو فُل بئنچ ڏانهن ٻڌڻي لاءِ موڪلي ڇڏيو ۽ ڪيس جي شنوائي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته 5 مارچ تي پيمرا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تقريرن ۽ بيان، براڊڪاسٽ ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button