بلوچستانپاڪستان

ڪجهه گمراهه عنصر بلوچستان جي عوام ۽ فوج جو عزم لوڏي نٿا سگهن:آرمي چيف

پاڪ فوج جو سربراهه گوادر جي دوري تي پهچي ويو، جنرل عاصم منير چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي عزم کي لوڏي يا ٽوڙي نٿا سگهن، عوام ۽ پاڪ فوج امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لا پرعزم آهن. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل عاصم منير گوادر جي دوري دوران علائقي لاءِ تعليم، سولر سسٽم لڳائڻ، ماهيگيري، پاڻي، صحت، راندين ۽ ٻين معاشي منصوبن جو اعلان به ڪيو. آرمي چيف کي گوادر ۾ سيڪيورٽي صورتحال، فارميشن جي آپريشنل تيارين، سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، جنرل عاصم منير مڙني رينڪس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پيشيوراڻي عزم سان ڪم جاري رکڻ تي زور ڀريو، هن مقامي معززن، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي زور ڀريو آهي. جنرل عاصم منير جي گوادر ياترا دوران بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا به موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button