بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا جي عدالت به عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪڍي ڇڏيا

ڪوئيٽا جي مقامي عدالت ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ڪوئيٽا جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت جي روبرو پيش ڪيو وڃي. عمران خان تي ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ جو ڪيس بجلي روز ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن شهري عبدالخليل ڪاڪڙ طرفان داخل ڪيس ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته عمران خان رياستي ادارن تي بي بنياد الزام مڙهيا آهن. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو هو ته عمران خان رياستي ادارن جي آفيسرن خلاف بنا سبب چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪري نفرت ڦهلائي. ياد رهي ته عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئيٽا واري ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست پڻ داخل ڪئي هئي. ان کان اڳ اسلام آباد جي مقامي عدالت پڻ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button