پاڪستانپنجاب

عمران کي عدالت سڏائي ته بيمار،باقي ريلي ۾ شرڪت لا تيار آهي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز عدالتن ۾ پيشي کان لنوائڻ تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران کي عدالت سڏائي ته بيمار، باقي ريلي ۽ جلسن ۾ شرڪت لا تيار آهي، گدڙ جيان لڪي ويهي پنهنجي ڪارڪنن ۽ عوام کي ڍال بڻائي رهيو آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم چيو ته عمران خان پنهنجي ٻارن کي لنڊن ۾ محفوظ رکيو آهي، پاڻ به گهر مان ٻاهر نٿو نڪري ۽ قوم جي ٻارن کي روڊن تي آڻي رهيو آهي، ڪڏهن چوي ٿو ٽنگ ڀڄي پئي آهي ته ڪڏهن اهڙي بيماري جو نالو وٺي ٿو جنهن جو نالو مان ٻڌائي به نٿي سگهان. هن چيو ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ ريلي دوران ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪيو ويو، ڇا قاسم ۽ سليمان جون جانيون قيمتي آهن، پوليس وارن جي ڪا به قيمت ناهي، تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جي حياتي به قيمتي آهي، جيڪڏهن ڪارڪن فوت ٿيو آهي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان پنهنجي ڌيءَ جو مجرم آهي ۽ پنهنجي ڌيءَ جو نالو به نٿو وٺي سگهي، عمران خان قوم جو سڀ کان وڏو ڏوهي آهي پر کيس هر قسم جو ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، نوازشريف ۽ مون تي به ڪيئي ڪيس ٿيا،ڌمڪيون مليون پر اسان عدالت ۾ پيش ٿياسين، آئون پڇان ٿي ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته عمران خان هڪ صوبي ۾ اليڪشن کٽڻ جي صورت ۾ اسيمبلي ٻيهر نه ٽوڙيندو؟ جڏهن به ضمني چونڊون ٿين ٿيون ته هي سڀني سيٽن تي اڪيلو بيهي رهي ٿو، عمران خان! چونڊون مفت نه ٿيون ٿين، عوام جي پئسي مان ٿينديون آهن، جيڪڏهن مان وزيراعظم هجان ته عمران کان چونڊن جا سڀئي پئسا وصول ڪريان. مريم وڌيڪ چيو ته عمران خان مون کي ناني سڏي ٿو، پاڻ ته منهنجي والد نواز شريف جي عمر جو آهي، جيڪڏهن وقت تي سٺا فيصلا ڪري ها ته اڄ نانو هجي ها، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو اعترافي بيان اچي ويو آهي، اميد آهي ته ادارا ان جو نوٽيس وٺندا. ٻئي طرف خانگي ٽي وي جي پروگرام کي انٽرويو ڏيندي مريم نواز الزام هنيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا کي چيف جسٽس طور مدي ۾ واڌ ڏيڻ لا نواز شريف سان جيل ۾ رابطو ڪيو ويو هو پر اڳوڻي وزيراعظم ان کي رد ڪري ڇڏيو. هن ماضي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا تي نواز شريف خلاف سازش جو حصو بڻجڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته قسم کڻي ٻڌائي ته ڇا چيف جسٽس طور توهان جي مدي ۾ توسيع جي ڳالهه نه ٿي هئي، جيڪڏهن نواز شريف اها ڳالهه مڃي وٺي ها ته اڄ عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس نه هجي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button