اسلام آبادپاڪستان

اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ناهي، عوام مون سان گڏ آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان رڳو ملڪ ۾ اليڪشن چاهيان ٿو ۽ ان لا ڪنهن سان به ڳالهائڻ لا تيار آهيان، عوام مون سان گڏ آهي، تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ يا بيساکين جي ضرورت ناهي، نئين آرمي چيف جي اچڻ کانپو سختيون ويتر وڌي ويون آهن. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته مون کان پڇيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ توهان سان ڳالهائي ته ڇا توهان ڳالهه ٻول ڪندا؟ مون ورندي ڏني مان سياسي ماڻهو آهيان، چورن کانسوا ٻين سڀني سان ڳالهائيندس. عمران خان واضح ڪيو ته هن ڪڏهن ته آرمي چيف کي ڳالهين جي دعوت نه ڏني آهي ۽ نه ئي شهباز شريف کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته اهي بيان هلي رهيا آهن ته مان آرمي چيف سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو پر حقيقت ۾ مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ئي ناهي، جنهن پارٽي سان ملڪ جو عوام گڏ هجي، ان کي بيساکين جي ضرورت نه پوندي آهي. عمران خان کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا فوجي قيادت تبديل ٿيڻ سان اسٽيبلشمينٽ جي رويي ۾ ڪو فرق آيو؟ ان جي جواب ۾ هن چيو ته اسان لا ڪو فرق ناهي پيو، اسان تي جنرل باجوا جي دور ۾ ڪيس ٺهيا، ان کان اڳ پهرين ڪڏهن به سينيئر ماڻهن تي ايترو حراستي تشدد نه ٿيو هو، اسان سوچيو نئون چيف ايندو ته تبديلي ايندي پر ڪا تبديلي نه آئي مورڳو سختيون وڌي ويون آهن. پي ٽي آ سربراهه چيو ته سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، صدر به اعلان ڪيو آهي پر اسان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍون ٿا ته پوليس پهچيو وڃي، گاڏيون ڀڃي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جو ڪم چونڊون ڪرائڻ هوندو آهي، هي ڪيئن ٿا روڪي سگهن، هي انتشار جي بهاني اليڪشن مان ٻاهر نڪرڻ چاهين ٿا، منهنجي خلاف 70 کان وڌيڪ ڪيس آهن، اهي ڪيس عجيب نوعيت جا آهن جيڪي عدالت ۾ ويندا ئي ختم ٿي ويندا، جيڪڏهن چونڊون ڪرائڻيون آهن ته چونڊ مهم ۽ ريلي کانسوا اليڪشن ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button