پاڪستانسنڌ

سينيئر صحافي، روزاني ايڪسپريس جو ايڊيٽر طاهر نجمي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: روزاني ايڪسپريس جو ايڊيٽر ۽ سينيئر صحافي طاهر نجمي لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کي ڪالهه بحريه ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. روزاني ايڪسپريس جو ايڊيٽر طاهر نجمي ڪجهه هفتن کان بيمار هو ۽ کيس خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ صحت ۾ بهتري اچڻ تي کيس گهر منتقل ڪيو ويو هو، پر هو ڪالهه جمعي جي صبح لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڇڏي آهي. مرحوم جي جنازي نماز جمعي جي نماز کانپوءِ جامعه مسجد ابوبڪر بحريه ٽائون ۾ پڙهي وئي. جنهن ۾ مرحوم جي گهرڀاتين، مٽ مائٽن، دوستن، ڪراچي پريس ڪلب، پي ايف يو جي، ڪي يو جي جي عهديدارن، اخبارن جي ايڊيٽرن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين، مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي شخصيتن سميت شهر جي نيڪ مردن ۽ ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

طاهر نجمي جي عمر 68 سال هئي. هو 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان صحافت سان لاڳاپيل رهيو. هو مختلف قومي اخبارن ۾ اهم عهدن تي رهيو. طاهر نجمي ڪراچي پريس ڪلب ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. مرحوم طاهر نجمي جرنلسٽ گروپ گرين پينل جو سربراهه به هو. هو جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ صحافت جي آزادي واري تحريڪ ۾ گرفتار پڻ ٿيو ۽ سکر جيل ۾ قيد رهيو، هن تڏهوڪي حڪومت جون سڀ آڇون ٺڪرائي ڇڏيون. هوڏانهن صدر، وزيراعظم، سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتن روزاني ايڪسپريس جي ايڊيٽر ۽ سينيئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

جڏهن ته سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ روزنامه ايڪسپريس جي ايڊيٽر طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته طاهر نجمي هڪ اصول پرست باوقار صحافي هو. هن سموري زندگي راءِ اظهار جي آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ اردو صحافت ۾ استاد جو درجو رکندا هئا. هن وڏي محنت سان پنهنجي ٽيم سان گڏ روزنامه ايڪسپريس کي هن مقام تائين پهچايو. ان جو دنيا ماڻ وڃڻ صحافت جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير دعا ڪئي ته رب العزت مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل عنايت ڪري (آمين). هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان به روزنامه ايڪسپريس جي ايڊيٽر طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button