پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ پوليس جي زيادتين خلاف رهواسين جو ڌرڻو

سامارو: سامارو ۾ خاصخيلي اتحاد جي ڊويزنل اڳواڻ محرم خاصخيلي ۽ سندس سئوٽ مال جي واپاري جمن خاصخيلي کي سامارو پوليس پاران 4 ڏينھن اڳ مٺي ۾ شادي جي دعوت مان واپس موٽندي نئون ڪوٽ مان ھڪ ھوٽل تان چانھه پيئڻ دوران گرفتار ڪري مٿن چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سامارو ۾ وڏي تعداد ۾ خاصخيلي برادري جي ماڻهن، چوپائي مال جي واپارين ۽ مزدورن پريس ڪلب آڏو ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽ غلام محمد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي شوڪت خاصخيلي، ترڪ علي بروهي، شريف خاصخيلي، عبدالستار خاصخيلي، رفيق ڀوتراڻي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پوليس 3 ڏينهن اڳ نئوڪوٽ مان هڪ هوٽل تان خاصخيلي اتحاد ڊويزنل اڳواڻ محروم علي خاصخيلي ۽ چوپائي مال جي واپاري جمن خاصخيلي کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري وارثن کان آزادي لا 2 لک رپيا رشوت طلب ڪئي، رشوت نه ڏيڻ تي پوليس سامارو ٿاڻي تي محرم خاصخيلي مٿان 1025 گرام چرس ۽ جمن خاصخيلي مٿان 560 گرام چرس رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن. ھنن اعلى عدالتن ۽ پوليس جي اعلى عملدارن کان گهر ڪئي ته سامارو پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي اهلڪارن ۽ عملدارن خلاف قانوني قدم کڻي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري محرم ۽ جمن خاصخيلي کي آزاد ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button