پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ آدمشماري ڪندڙ استادن جو سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

چمبڙ: چمبڙ ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندڙ استادن سھولتون نه ملڻ خلاف اي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان دوران سرڪل سپروائيزر رمضان دل، سپروائيزر اعجاز علي رند، سرڪل سپروائيزر عابد گل، ارشاد علي لغاري، ممتاز علي لغاري، زين العابدين ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته اسان کي گاڏين جو فيول نٿو ڏنو وڃي، نه گاڏين جي سهولت ڏني وئي آهي، ذاتي خرچ ڪري آدمشماري ڪري رهيا آهيون، ٻين ضلعن جي عملي کي ھر سھولت ڏني پئي وڃي ۽ ورڪرن کي فيلڊ لا فيول ڏنو پيو وڃي، پر اسان سان ضلعي انتظاميا ظلم ڪري پئي. هنن گهر ڪئي ته گاڏين جي فيول سميت ٻيا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن. ٻئي پاسي اي سي چمبڙ آصف ڪورائي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عملي جا مطالبا جائز آھن، جيڪي جلد حل ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button