پاڪستانسنڌ

سخي سلطان فقير لاشاري جو عرس پڄاڻي تي پهتو، ملاکڙو

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ مشھور اوليا بزرگ سخي سلطان فقير لاشاري جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون پڄاڻي تي پھتيون، آخري ڏينھن تي زبردست ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ مشھور ملھه پھلوانن پسند لنڊ، حضوربخش زرداري، بختيار زرداري، حسين مغيري، عابد مگڻھار ۽ ٻين ملھن ۾ حصو ورتو ۽ زور آزمائي ڪئي. ڪامياب پھلوانن ۾ معزز شخصيت پ پ اڳواڻ حقير حضوربخش رند، محمد ابراهيم رند، محمد رمضان رند، مولابخش ڏاھري، اي ٽي او عبدالقادر ڏاھري، حق نواز رند، سالم شير رند، نور نواز رند، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر آفيسر زاھد حسين رند، حاجي راحب علي رند، وڏي منشي غلام نبي جلباڻي، ايجوڪيشن آفيسر انور زرداري، الھه اوڀايو رند، فيض محمد رند حسين بخش رند، ۽ ٻين روڪ انعام ورهايا. ملاکڙي جي انائونسمينٽ گلزار فقير لاشاري ۽ نظير وسطڙو ڪئي. عرس جي چارن ئي ڏهاڙن ۾ مجلسن کي ذاڪرن علاما محمد عباس شاهه، علاما سائين بخش مناظري، ضيا عباس ڪاظمي، مولاڀخش ھالائي، مولوي مدد علي سعيدي، مولوي سينگار حسين زائر ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته مانجھي فقير بوداڻي، سوڍل فقير لغاري، ساجد علي رند، رضا محمد بروھي، امجد زرداري، ساجد پنڃارو ۽ ٻين سر وکيريا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button