پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ آدمشماري خلاف عوامي تحريڪ جو 10 ڪلوميٽر مارچ

ميرپورخاص: ڊجيٽل آدمشماري، پاڻي جي قدرتي لنگھن تي قبضن توڙي سنڌ جي پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران انور نوحاڻي، ڪرڙ ريٻاري، مجيد ٻگھيو، منور جتوئي، شاھد ڪلوئي، ارباب نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ مکڻ سمون کان ميرپورخاص شهر تائين 10 ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو، مارچ ميرپورخاص پريس ڪلب پھتو تھ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي ماڻھن خلاف ھڪ سازش آھي، جنھن کي سڄي سنڌ جا ساڃاھه وند رد ڪري پنھنجا اعتراض پيش ڪري چڪا آھن، پر وفاقي حڪومت فرمائشي آدمشماري کي جاري رکڻ چاھي ٿي. ھنن چيو تھ آدمشماري ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي گھري سازش رٿي وئي آھي، جنھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو تھ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ 2023ع جي برساتن ۾ باقي 4 مھينا بچيا آھن، پر پاڻيءَ جي قدرتي گذرگاھن تان اڃا تائين قبضا ناھن ھٽايا ويا. ھنن چيو تھ سنڌ حڪومت جو قدرتي وھڪرن تان قبضا ھٽائڻ وارو قانون ھڪ ڍونگ آھي، ڇاڪاڻ جو انھن قدرتي لنگھن تي اڄ بھ جاگيردارن ۽ بااثر ماڻھن جو قبضو آھي، جنھن سبب ايندڙ امڪاني طوفاني برساتن سبب ٻيھر لکين ماڻھن جي دربدر ٿيڻ جو خدشو آھي. ھنن چيو تھ ڊئم ٺاھڻ جي آڙ ۾ ڪي پي ڪي جي ڪوھستان واري علائقي ۾ سنڌو جو فطري رخ موڙيو ويو آھي، جيڪا ھڪ سازش آھي، اھڙي ريت سنڌ جو ڪوئلو، سنڌ مان نڪرندڙ گئس ۽ تيل جي ذخيرن مان ٻين صوبن کي فائدو ڏنو پيو وڃي، مٿان وري سنڌ کي مال غنيمت سمجھي وسيلن کي لٽيو پيو وڃي. مارچ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي جس ڏيندي چيو تھ سندن جدوجھد جي اسان حمايت ڪريون ٿا، اسان سڀ گڏجي سنڌ خلاف ٿيندڙ ڏاڍاين جو مقابلو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button