پاڪستانسنڌ

بوگس آدمشماري سبب مستقبل ۾ اقتدار ڌارين حوالي هوندو:قادر مگسي

ميرپورخاص: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بوگس آدمشماري ڪئي پئي وڃي، مستقل ۾ اقتدار ڌارين حوالي ھوندو. آخر اھڙي ڪھڙي مجبوري آھي جو جيڪا آدمشماري 10 سالن بعد ٿيڻي ھئي، اھا وقت کان اڳ ڪرائي پئي وڃي؟ ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي قادر مگسي وڌيڪ چيو تھ ھن وقت سنڌ اندر افغاني، بھاري، برمي، بنگالي ۽ ٻين ملڪن جا غير قانوني آيل ماڻھو لکن جي تعداد ۾ رھن ٿا، حيرت جھڙي ڳالھه آھي تھ انھن کي الڳ شمار ڪرڻ لاءِ آدمشماري واري فارم ۾ ڪو الڳ خانو ئي ناھي. انھن ماڻھن کي ھاڻ سنڌ جو رھاڪو ڏيکاريو ويندو ۽ اڳتي ھلي جڏھن اليڪشن ٿينديون تھ اھي لکين ماڻھو سنڌ جي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويندا ۽ وڏ وزارت سندن حصي ۾ اچي ويندي، جنھن بعد سنڌ جون زمينون ۽ ٻيا وسيلا سندن قبضي ھيٺ ھوندا. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ ھن وقت سنڌ ۾ تازو آيل ٻوڏ سبب ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو بي گھر بڻيل آھن، 15 لک گھر ڊھي پٽ ٿي چڪا آھن، آخر انھن جي آدمشماري ۽ گھر شماري ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿي؟. ھن چيو تھ پ پ پاران آدمشماري جي مخالفت ڊرامو آھي، آدمشماري ڪندڙ ٽيچر سنڌ حڪومت جي ماتحت آھن، انھن کي وڏو وزير ڇو نٿو روڪي؟. زرداري چاھي ٿو تھ ھو سنڌ جو سودو ڪري بھ بلاول ڀٽو کي ملڪ جو وزيراعظم ٺاھي. ھن چيو تھ آدمشماري وسيلي سنڌ ڌرتي کي اصلوڪن سنڌين کان کسائي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آدمشماري جو مقصد ملڪي ترقي لاءِ رٿابندي ڪرڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪرڻ ھوندو آهي، پر ھتي سنڌين کي گھٽ ڏيکارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اھڙي آدمشماري کي اسان نھ ٿا مڃون. ھن چيو تھ ملڪ ھن وقت ڏيوالي جو شڪار آھي، ڪجھه ڊالرن جي ڪري آءِ ايم ايف اڳيان حڪمران گوڏا کوڙي عوام جو رت ست پي رھيا آھن. ھن چيو تھ ملڪ کي ڏيوالپڻي مان ڪڍڻ لاءِ بااثر ڌرين جي لسٽ ٺاھي انھن کان ڦريل ناڻو واپس ورتو وڃي تھ اسان کي آءِ ايم ايف جي قرض جي ضرورت ئي نھ پوندي. ھن چيو تھ گذريل ٻوڏ بھ قدرتي لنگھن تي قبضن سبب ٿي ھئي ۽ ھن وقت بھ جاگيردارن ۽ بااثر ماڻھن جا قبضا برقرار آھن، پر سنڌ جي حڪمرانن کي عوام جو ڪو بھ ڏک ناھي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سڪندر ڪولاچي، بار جي جنرل سيڪريٽري غفار ناريجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button