پاڪستانعالمي

پاڪستان کي قرض جي گهڻي ضرورت آهي، آئي ايم ايف جو رويو منصفاڻو ناهي:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي مالياتي اداري جي ورتا تي ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته اسان جو ملڪ بدترين قسم جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي پر آ ايم ايف پاڪستان سان منصفاڻي نموني پيش نه اچي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول چيو ته پاڪستان معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، گذريل سال جي بدترين ٻوڏ ۽ دهشتگردي جا نتيجا هڪ دفعو ٻيهر ظاهر ٿي رهيا آهن، اسان جو هي مڃڻ آهي ته جيڪي سرندي وارا ۽ شاهوڪار آهن انهن کي وڌيڪ حصو ادا ڪرڻ گهرجي پر پاڪستان آ ايم ايف جي گذريل 23 پروگرامن ۾ ڪڏهن به ٽيڪس سڌارا نه ڪري سگهيو آهي، جن جو اسان حصو هئاسين ۽ هن وقت اسان کي قرض جي ضرورت آهي، ڇا هي مناسب وقت آهي ته اسان جي ٽيڪس پاليسي ۽ ٽيڪس وصولي بابت تنقيد ڪئي وڃي، جڏهن ته اسان وڏي پئماني جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. بلاول چيو ته اسان هڪ لک نون پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون جيڪي افغانستان مان اولهه جي واپسي بعد هتي آيا آهن، اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، آ ايم ايف هڪ اهڙي وقت ۾ ڳالهين کي ڊيگهه ڏئي رهيو آهي جڏهن اسان کي پنهنجي مسڪين ۽ غريب ترين عوام جي مدد لا پئسن جي شديد ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ٽيڪس سڌارا مڪمل نٿا ٿين تيستائين آ ايم ايف پروگرام مڪمل نه ڪنداسين. هوڏانهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن کان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لا ايڪشن پلان جوڙڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. نيويارڪ ۾ اسلامو فوبيا بابت ٿيل تقريب ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسلامو فوبيا اڄ جي دور جو اهم مسئلو آهي ۽ دنيا ۾ منظم طريقي سان اسلام خلاف نفرت ڦهلائي پئي وڃي، گڏيل قومن پاران اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو ملهايو پيو وڃي، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لا سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي ان حوالي سان ايڪشن پلان جوڙڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسلام امن ۽ رواداري جو مذهب آهي، جيڪو امن ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو، دنيا ۾ فاشسٽ پاليسين سبب مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، حجاب تي پابندي ۽ توهين مذهب سنگين مسئلو آهي، حجاب جهڙن معاملن کي سياست ۾ آڻڻ جو مقصد اسلام کي نشانو بڻائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي کي اسلام سان جوڙيو ويندو رهيو آهي پر دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان ڪو به تعلق ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button