بلوچستانپاڪستان

بلوچستان هائيڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لا معطل ڪري ڇڏيا

بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪري لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اقبال شاهه ايڊووڪيٽ جي درخواست تي جسٽس ظهير الدين ڪاڪڙ ٻڌڻي ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏيا. بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ انصاف لائيرز فورم جي اڳواڻ اقبال شاهه ايڊووڪيٽ عمران خان جي گرفتاري وارنٽن خلاف درخواست جمع ڪرائي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته بجلي روڊ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته جنهن الزام تي ڪيس داخل ٿيو اهو بجلي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ ناهي، درخواستگذار عمران خان خلاف داخل ايف آءِ آر کي ختم ڪرڻ جي گذارش ڪئي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظهير الدين ڪاڪڙ درخواست تي شنوائي ڪئي ۽ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر قاسم خان سوري ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي قانوني ٽيم بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هئي. ٻئي طرف ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ کڻي لاهور پهتي، جنهن ۾ ۾ ايس پي انويسٽيگيشن سميت 3 آفيسر شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button