پاڪستانعالمي

چين جي ڪوششن سان سعودي عرب ۽ ايران ۾ سفارتي لاڳاپا بحال، سفارتخانا کولڻ تي اتفاق

سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ اختلافن جي برف نيٺ رجهي وئي، چين جي ٽياڪڙي سان ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويا، ان حوالي سان معاهدو پڻ طئي ٿي ويو آهي. سعودي عرب جي ميڊيا موجب چيني صدر شي جن پنگ جي ڪوششن سان ايران ۽ سعودي عرب جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ 6 کان 10 مارچ تائين ڳالهه ٻول ٿي، سعودي ۽ ايران وچ ۾ سٺن لاڳاپن جي بحالي لا چين طرفان ورتل قدم جي موٽ ۾ ٽئي ملڪ اهو اعلان ڪن ٿا ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني چين ڪندو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته معاهدي جي حساب سان سعودي ۽ ايران 2 مهينن اندر سفارتخانا ٻيهر کوليندا، جڏهن ته هڪٻئي جي خودمختياري جو احترام ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ به معاهدي ۾ شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته اسان جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڙيسري طور سٺن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ اختلافن کي ڳالهه ٻول ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ آهي، ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير معاهدي جي شرطن کي فعال بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لا هڪ اجلاس پڻ منعقد ڪندا. ان سان گڏوگڏ 2001ع جي سيڪيورٽي سهڪار واري معاهدي ۽ معيشت، سائنس ۽ راندين سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار لا سال 1998ع واري معاهدي کي به فعال ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ ڪوششن ۽ 22-2021 ۾ ڳالهيون ڪرائڻ تي عراق ۽ عماد جا به ٿورا مڃيا، جڏهن ته هلندڙ ڳالهين جي ميزباني ۽ مدد تي چيني قيادت جا پڻ ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button