پاڪستانخيبرپختونخوا

چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اجلاس ۾ سوين مهمان، شاهي دعوت،ڪيترائي طعام، ٽينڊر ئي رد

خيبر پختونخوا ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس ۾ 100 ماڻهن کي گهرائي شاهي دعوت رکي وئي، جنهن جي خبر پوڻ تي اوقاف کاتي جي ايڊمنسٽريٽر دم پخت، ڪڙاهي، چڪن تڪا، ٻاڪرو گوشت، سچي گيهه ۾ حلوو ۽ ٻين طعامن تي ٻڌل ٽينڊر منسوخ ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب خيبرپختونخوا ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس لاءِ وي آءِ پيز سميت 100 ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ 22 مارچ تي شرڪت ڪندڙن کي مانجهاندي ۽ رات جي ماني جي دعوتن ۾ دم پخت، ڪڙاهي، تڪو، بيف برياني، سيخ ڪباب، تڪا ٻوٽي، مڪس ڀاڄي، حلوو، رشين سلاد، ڪولڊ ڊرنڪ، چانهه، پيسٽري، سينڊوچ، گرين ٽي، بسڪيٽ ۽ ٻيا کاڌا پيش ڪرڻ جو مينيو ٺاهيو ويو هو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي عالمن، سائنسي ماهرن، موسميات کاتي جي عملدارن کانسواءِ عام مهمان به هن شاهي دسترخوان جو حصو بڻجڻا هئا پر اوقاف کاتي جي ايڊمنسٽريٽر ميڊيا ۾ آيل خبرن جو نوٽيس وٺندي دعوت منسوخ ڪري ڇڏي آهي، ايڊمنسٽريٽر حامد علي چيو آهي ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي مرڪزي ميمبرن جي ريفريشمينٽ بچت پاليسي تحت ڪئي ويندي، اڳواٽ جاري ڪيل مينيو منسوخ ڪري صرف چانهه جي انتظام جي تجويز غور هيٺ آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ صرف ڪميٽي ميمبرن کي اچڻ جي دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته نگران وزير هدايت ڪئي آهي ته دعوت جي جاري ڪيل ٽينڊر بابت 12 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button