اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نيب کان اڄ تائين هٿ آيل رقم جو تفصيل گهرندي سرڪاري ادارن، بئنڪن ۽ عوام کي واپس ڪيل رقم سميت سمورو تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪيس جي شنوائي ٽه رڪني خصوصي بئنچ ڪئي. نيب ترميمن جي خلاف عمران خان جي درخواست تي شنوائي جي موقعي تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين نيب ڪيتري رڪوري ڪئي ۽ پئسو ڪٿي خرچ ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ نيب کان ڪنهن صوبي ۽ وفاقي حڪومت کي ڪيترو پئسو جمع ڪرائڻ جو تفصيل به گهريو آهي. عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جنهن حڪومت يا اداري جي خرد برد ڪيل رقم رڪور ٿئي، ان کي ئي ڏني وڃي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته نيب سمورو تفصيل ايندڙ شنوائي تائين جمع ڪرائي پوءِ جائزو وٺنداسين، جنهن کان پوءِ ڪيس جي شنوائي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close