اسلام آبادپاڪستان

عمران قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان آئين، قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان بزدل دهشتگردن وارو ڪم ڪري رهيو آهي، جيئن دهشتگرد پوليس تي حملو ڪندا آهن، ٻارن ۽ عورتن کي ڍال بڻائيندا آهن ۽ انهن جي رت تي بليڪ ميلنگ ڪندا آهن. هن چيو ته فارن ايجنٽ آئين، قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي، دهشتگرد رياست تي حملي آور آهي. مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن ايجنٽ گهڙيءَ چور ۽ ڪوڙو رياست تي حملي آور آهي ۽ ريليف وٺي رهيو آهي، سياسي ليڊر رياست تي حملو ناهن ڪندا، پنهنجي سياست نه رياست کي بچائيندا آهن. هن چيو ته عمران خان عدالت جي حڪمن تي عمل ڪرائيندڙ پوليس جا مٿا ڦاڙيا آهن ۽ عدالت کان ريليف وٺي رهيو آهي. ٻئي طرف عالمي نشرياتي اداري “اسڪائي نيوز” سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهي ٿو، سندس گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، نه ئي ان جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو تعلق آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان قانون سان تعاون ڪرڻ بدران مسلسل قانون شڪني ڪري رهيو آهي، پوليس رڳو عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن چيو ته پوليس وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اسلحو نه آهي، پوليس عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي پوليس تي بمن سان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته عدالت پاران جاري وارنٽ گرفتاري تي پوليس اسلحي کانسواءِ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي، عمران خان کي ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان چوي ٿو ته کيس سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهي لمحي چوي ٿو ته هو سياسي جلسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن عدالت کيس ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ جو چوي ٿي ته عمران خان سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بڻائي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿو، هو ماڻهن کي تشدد جي لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، پوليس جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ اچي ٿي ته هو عورتن ۽ ٻارن کي پوليس آڏو بيهاري ڇڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو، عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ان جي خلاف ڪرپشن جي ڪيسن ۾ جاري ٿيا آهن، عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو، هو جڏهن وزيراعظم هو ته پنهنجي سياسي مخالفن جا گرفتاري وارنٽ پاڻ جاري ڪرائيندو هو، هُن پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهيو ٿي، عمران خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي ميڊيا سان پڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button