اسلام آبادپاڪستان

هڪ ليڊر کي ملڪ تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عدليا سميت هر ادارو ورهائجي ويو آهي، ادارن جي بيعزتي ڪئي پئي وڃي. اڄ هڪ ليڊر ملڪ جي تباهي جي ڪڍ لڳو آهي پر ان کي اجازت نه ڏينداسين. ملڪ ڏکين حالتن ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ سڀني کي ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماضي ۾ به سڀني ڏکين حالتن ۾ گڏ ويهي مسئلن جو حل ڪڍيو، ماضي ۾ سخت اختلافن باوجود قوم گڏ ٿي آهي. ڪالهه سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان خاص سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سينيٽ چيئرمين کي خاص اجلاس گهرائڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته اڄ مختلف ملڪن جا سفارتڪار سينيٽ آيا آهن. هن چيو ته سينيٽ پهريون ڀيرو 73ع ۾ چئني صوبن کي برابر حق ڏيڻ جو تاريخي ڪم ڪيو. آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن تاريخي ڪم ڪيو، سينيٽ قانون سازي يا ٻين شعبن تي محنت ۽ سنجيدگي سان ذميواري ادا ڪئي. سندس چوڻ هو ته 11 مهينن کان ڏکيائين مان گذري رهيا آهيون، اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، جن جو ذڪر نٿو ڪري سگهان. اهي ئي قومون جيئريون رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ محنت ڪنديون آهن. معاشي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، جيڪڏهن سياسي استحڪام نه هوندو ته معاشي استحڪام هڪ خواب آهي.وزيراعظم چيو ته سڀ وزير ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان آءِ ايم ايف جا ڪيترائي سخت شرط پورا ڪيا آهن، آءِ ايم ايف اسان کي سياسي عدم استحڪام ٺيڪ ڪرڻ جو ته ناهي چيو پر اهي انڌا ناهن سڀ ڏسي رهيا آهن. شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ ليڊر ملڪ جي تباهي جي ڪڍ لڳو آهي پر ان کي اجازت نه ڏينداسين، چيو پيو وڃي ته گرفتار ڇو نٿو ٿئي، احتياط نٿو ڇڏي سگهجي، ائين نه ته رياست جو مفاد داءَ تي لڳي وڃي، معاملا بگڙڻ کان روڪڻ لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿي ويندو، اسان کي گڏجي معيشت جي حوالي سان اهم فيصلا ڪرڻا آهن، سياسي اختلاف ڇڏي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا، هاڻ به وقت آهي ته هوش کان ڪم وٺون، اسان سڀني کي مٿو ٻڌي ويهڻو پوندو ۽ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا. ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرام قومي اثاثو آهي، پاڪستان جي ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي هلندڙ هاڻوڪا سمورا بيان، پريس رليز ۽ سوال ۽ مختلف دعوائن ۾ بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جي ڊائريڪتر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي روشني ۾ پرامن ايٽمي پروگرام کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس ۾ ميڊيا ونگ مان خميس تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي ۽ هي مڪمل پروگرام محفوظ فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کان سواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگرام هڪ مقصد کي اهڙي طرح پورو ڪري ٿو جنهن لاءِ هي صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button