اسلام آبادپاڪستان

عمران جي توشاخانا ڪيس ۾ درخواست رد،گرفتاري وارنٽ برقرار

اسلام آباد : عدالت عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن. ان ڏس ۾ خبرموجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توشا خان ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج ظفر اقبال فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت عمران خان کي گرفتار ڪري 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ريمارڪس ڏنا ته اميد آهي تفصيلي فيصلو پڙهي مزو ايندو، درخواست تي فيصلو جاري ڪندي قانون جي هر رُخ کي ڏٺو ويو آهي. تفصيلي فيصلي ۾ لکي ڇڏيو آهي ته گرفتاري وارنٽ ڇا ٿيندا آهن، ڪڏهن جاري ٿيندا آهن. عمران خان امن امان جي صورتحال پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي صورتحال ۾ رليف جو حقدار ناهي. هن کي عدالتي ڪارروائي جي ڀڃڪڙي تي ذاتي طور تي پيش ٿيڻو پوندو. واضح رهي ته ان ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ئي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن ۽ کيس 18 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. عمران خان گذريل ڏينهن وارنٽ معطل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، جتي عدالت عمران خان درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو ته عمران خان 18 مارچ تي پيشي بابت هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل انڊر ٽيڪنگ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان رياست اندر رياست جي رٽ ۽ تقدس کي چئلينج ڪيو، اهڙي صورت ۾ انڊر ٽيڪنگ تي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. انڊر ٽيڪنگ پيش ڪرڻ ڪو مذاق ناهي. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد عورت جج کي ڌمڪي جي ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني 20 مارچ تائين عمران خان کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عمران خان جا وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان جي غير موجودگي ۾ وارنٽ رد نٿا ٿي سگهن، ٻين جوابدارن کي به اهو فائدو ڏنو وڃي. هن چيو ته گرفتاري وارنٽ تي عمل لاءِ پوليس پهتي ته ان تي تشدد ڪيو ويو، عمران خان جي ضمانت به واپس وٺڻ گهرجي. عدالت عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي کيس 20 مارچ تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button