پاڪستانپنجاب

مريم نواز جو پنجاب جي 4 تڪن تان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو، نامزدگي ڪاغذ جمع

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي 4 تڪن تان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪندي نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، چئن تڪن مان لاهور جا 3 ۽ هڪ گوجرانوالا جو تڪ شامل آهي. مريم نواز ڪالهه پنجاب اسيمبلي جي چئن تڪن تي چونڊ وڙهڻ لا پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بعد ٻيهر چونڊن لا صدر ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان 30 اپريل جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) به پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لا تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. مريم نواز جن تڪن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، انهن مان پي پي 158 لاهور، پي پي 173 لاهور، پي پي 149 لاهور ۽ پي پي 63 گوجرانوالا شامل آهن. ٻئي طرف پي پي 173 جي ريٽرننگ آفيسر آفتاب احمد طرفان مريم نواز کي 22 مارچ تي ڪاغذن جي جانچ پڙتال لا شخصي طور تي طلب ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button